Zahra Ji Jae Lyrics - Syed Raza Abbas Shah New Noha 2023




Zahra Ji Jae Lyrics


بسم رب الحسينؑ

اوسارو پاڪ

زھراؑ جي ڄائي ڀاءُ سان ملڻ آئي

دردن ستائي ڀاءُ سان ملڻ آئي


غازيؑ کي سڏيندي رھي جھڻڪون بيبي سھندي رھي

امت رلائي ڀاءُ سان ملڻ آئي


نيزي ساڻ بيبي ءَ جي ظالم آ چادر لٽي

ھَئي بي ردائي ڀاءٌ سان ملڻ آئي


اُٺ تان منھنجي سائيڻ آ غازيؑءَ وانگون با خدا

ڏُکي وئي لھائي ڀاءُ سان ملڻ آئي


ھٿن ۾ رسن اٿس ڀاءُ بي ڪفن اٿس

جھڻڪون کائي کائي ڀاءُ سان ملڻ آئي


آئي جو شامِ غريبان لٽڻ لاءِ قاتل اچي ويا

چادر لٽائي ڀاءُ سان ملڻ آئي


ساجد بيبي وئيڻ ڪيا شھيدن جا سَر رُنا

ڪرڻ الوداعي ڀاءُ سان ملڻ آئي

Categories:
Similar Posts

0 Comments:

Please do not enter any spam link in the comment box.